لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان زمان ٽائون م ڪارڪنن سان گڏ افطار ڪيو ۽ ان موقعي تي سڀني کي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ ڀرپور تيارين جي هدايت ڪئي. عمران خان ان موقعي تي اهو به اعلان ڪيو ته هو 6 اپريل خميس کان اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون جار ڪندو. ٻئي پاسي پنجاب پوليس عمران خان کي چيو آهي ته جيڪي به ڪارڪن زمان پارڪ ۾ موجود آهن يا اچڻ چاهين ٿا انهن لاءِ پاس سسٽم شروع ڪرڻو آهي آئنده بنا پاس جي ڪنهن کي به اچڻ نه ڏنو ويندو. اوهانجي سيڪورٽي سبب پارٽي اڳواڻڻ کي به هدايت ڪريو ته هو گاڏيون پري بيهاري اچن.










