چونڊ مهم ڪيس، وزيراعظم جي عبوري رليف جي درخواست رد

چونڊ مهم ڪيس، وزيراعظم جي عبوري رليف جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف وزيراعظم جي عبوري رليف بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق چيو ته وزيراعظم کي ڪميشن اڳيان پيش ٿيڻ گهرجي ها، هڪ ايگزيڪيوٽو اٿارٽي نوٽيس جاري ڪيو آهي، هر ڪو پنهنجي طور طريقا طئي ڪندو ته ڪم ڪيئن هلندو. عدالت چيو تھ وزيراعظم کي پيش ٿي نيڪ نيتي ظاهر ڪرڻ گهرجي ها، وزيراعظم جي وڪيل چيو ته ڪميشن کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي، عدالت چيو ته توهان جو ڪنڊڪٽ ڏسي اسٽي نٿو ڏئي سگهجي، اليڪشن ڪميشن ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيسز جاري ڪيو ويو، معذرت سان حڪومت به آرڊيننس جي فيڪٽري لڳائي رکي آهي، پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ڪم به آرڊيننس ذريعي ٿي رهيا آهن. وزيراعظم جي وڪيل چيو ته ڪميشن اڳ ئي آرڊيننس خلاف آرڊر جاري ڪري چڪي آهي، جسٽس عامر فاروق وڪيل کان پُڇيو ته ڇا هي ڪم آرڊيننس ذريعي ڪرڻ جا آهن؟ عدالت وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير اسد عمر خلاف داخل درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق اليڪشن ڪميشن جي نوٽيسز خلاف وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن طرفان بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو. عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ مهم بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس قانون جي ڀڃڪڙي آهي، قانون سازي ذريعي سرڪاري آفيس هولڊر کي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي، اليڪشن ڪميشن آرڊيننس کانپوءِ چونڊ مهم هلائي سگهجي ٿي پر اليڪشن ڪميشن چوي ٿي ته پارليامينٽيرينز کي اجازت آهي عوامي عهديدارن کي ناهي. اليڪشن ڪميشن قانون جي تشريح جو مجاز ادارو ناهي. عدالت اليڪشن ڪميشن جو موقف معلوم ڪرڻ لاءِ کين نوٽيس جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 2 ڀيرا وزيراعظم جي سيڪريٽري کي نوٽيس موڪلي خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ جلسن کان کيس روڪيو هو پر ان ڳالهه نه ٻڌي تيمر گرو ۽ سوات ۾ جلسا ڪيا، اڄ هو ڪرم ۾ ٽيون جلسو ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو