چونڊ تڪرار حل ٿي ويو آهي، مون کي حلف کڻايو، ڊار

چونڊ تڪرار حل ٿي ويو آهي، مون کي حلف کڻايو، ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي چونڊيل سينيٽر اسحاق ڊار چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته کيس حلف کڻايو وڃي. هن خط ۾ لکيو آهي ته 2018 ۾ سينيٽر چونڊجڻ بعد سندس چونڊ کي چيلينج ڪيو ويو هو ۽ اليڪشن ڪميشن اهو قانوني تنازعو حل ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري مان حلف کڻڻ چاهيان ٿو. هن خط جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن کي به موڪلي آهي. خط م هن لکيو آهي ته مان بيمار آهيان لنڊن م علاج هلي ٿو ان ڪري حلف کڻڻ پاڪستان نٿو اچي سگهان، هن ميڊيڪل رپورٽس به موڪليون آهن. هن مطالبو ڪيو آهي ته ويڊيو لنڪ ذريعي سندس حلف ورتو وڃي يا لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ذريعي حلف ورتو وڃي. هن آئين جي آرٽيڪل 255 جي ذيلي شق 2 جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ان مطابق چيئرمين ڪنهن کي به مقرر ڪري سگهي ٿو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ويڊيو لنڪ ذريعي سپريم ڪورٽ ڪيسن جي سماعت ڪري ٿي ان ڪري سندس حلف به ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو