چورن تر تپائي ڏنو، ڀاڳيا راتيون جاڳي گذارڻ لڳا

چورن تر تپائي ڏنو، ڀاڳيا راتيون جاڳي گذارڻ لڳا

سلطانپور(قربان علي مھر) ڪينٽ  ٿاڻي جي حد ۾ بد امني چوٽ چڙهي وئي، ھڪ رات ۾ چوري جون وارداتون، ڀاڳيا راتيون جاڳي گذارڻ لڳا. ڳو ٺ يوسف چنا، سعيد علي انڍڙ،  قابل آرائين، ڳوٺ شريف ڪٽو جي گھر مان ڪاموري نسل جي ٻڪري چوري ٿي وئي. علائقي واسين سنڌيار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته گذريل  ھڪ مھيني کان بد امني چوٽ چڙهي وئي آهي جنهن ڪري اسان راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن پوليس جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته چورن کي گرفتار ڪري علائقي جو امن بحال ڪيو وڃي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس اڇ او ڪينٽ جاويد ميمڻ  جو چوڻ ھو ته پوليس پنهنجي ڪوشش ڪري رهي آهي چوري  ڦر جون وارداتون ڪندڙ گروھ چالاڪ ۽ سرگرم آهن اسان ڪوشش ڪري رھيا آهيون انشا الله جلد چور گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽھري ۾ آندو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو