ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته دبئي جي بين الاقوامي نمائش ۾ پاڪستان جي تيار ڪيل چانهه کي وڏي موٽ ملي آهي، ويليو ايڊيشن ۽ ذائقي تي وڌيڪ تحقيق ڪري سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ جي حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽي ايسوسيئيشن جي 52هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو تقريب ۾ ايگريڪلچر ڪينيا جي وزير ميٿيڪا لنٽوري، ڪينيا جي هاءِ ڪميشن نائمبورا، ڪي سي سي آئي جو صدر طارق يوسف، پاڪستان ٽي ايسوسيئيشن جو چيئرمين ذيشان پراچا ۽ اڳوڻي ٽي ايسوسيئيشن جي چيئرمين امان پراچا به شرڪت ڪئي سنڌ جي گورنر پاڪستان ٽي ايسوسيئيشن کي 52هين سالگرهه تي مبارڪون ڏيندي چيو ته وڌندڙ مهانگائي جي هن دور ۾ چانهه ئي غريب عوام لاءِ تسڪين جو سبب آهي هن چيو ته اسان چانهه گهڻي پيون ٿا ۽ ان سان پري ٿيڻ جو سوچي به نٿا سگهون ڪراچي ۾ چانهه جا شوقين تمام گهڻا آهن ڪامراب خان ٽيسوري چيو ته چانهه جي پتي ٻاهران گهرائڻ جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي پاڪستان ڪيترن ئي ملڪن کان چانهه جي پتي گهرائي ٿو جن ۾ ڪينيا پهرين نمبر تي آهي هن چيو ته پاڪستان ٽي ايسوسيئيشن جي ميمبرن پاران ويليو ايڊيشن جي ڪري چانهه جي وسيع رينج دستياب آهي گورنر چيو ته ڪنٽينرز کي ڳري ماليت جا ڊيٽينيشن چارجز لاڳو ٿي چڪا آهن ته مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ڳالهائيندس. وفاقي وزير پورٽ ۽ جهاز راني سان ڊيمريجز ختم ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تي ڳالهائيندس ڪامران خان ٽِسوري چيو ته پاڪستان جي معاشي بحران جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي ڪوششون ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي هي وقت سياست جو نه پر گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو آهي ڇو ته هن وقت پاڪستان جو استحڪام هر شئي کان اهم آهي گورنر سياسي پارٽين ۽ اسٽيڪ هولڊرز کان درخوست ڪئي ته ملڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.










