چائلڊ ليبر قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو

چائلڊ ليبر قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻارڙن کي جبري پورهئي کان بچائڻ لاءِ مختلف قانونسازي ڪئي وئي آهي پر انهن قانونن تي عمل لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي بلاول هائوس ميڊيا سيل مان چائلڊ ليبر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته چائلڊ ليبر جو خاتمو قومي فرض آهي جنهن لاءِ معاشري جي هر طبقي کي محنت ۽ ذميواري سان ڪم ڪرڻو پوندو قانونن جا گهڻي کان گهڻن نتيجن ۽ اثرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي مڪينازم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن چائلڊ ليبر کي روڪي سگهجي ۽ انکي ختم ڪري سگهجي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بانڊڊ ليبر سسٽم (ابوليشن) ايڪٽ 90 جي ڏهاڪي ۾ لاڳو ڪيو ويو هو ان جي باوجود ملڪ ۾ لکين ٻار اڄ به مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون نيشنل چائلڊ ليبر سروي 1996 ۾ ڪيو ويو هو جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعطم هئي چئني صوبن ۾ يونيسيف جي تعاون سان چائلڊ ليبر جو تازو سروي جاري آهي ته جيئن انگن اکرن لاءِ حڪمت عملي جوڙِ سگهجي ۽ ملڪ ۾چائلڊ ليبر کي روڪي سگهجي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جو بل پاس ڪيو جنهن تحت ٻارڙن کان زبردستي ڪم ڪرائڻ جرم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪارروائي لاءِ اهڙن ڪيسن جو اطلاع ڏيڻ لاءِ ٽول فري نمبر جهڙا قدم کنيا صوبي ۾ چائلڊ ليبر کي روڪڻ لاءِ سنڌ پروبيشن آف امپلائيمينٽ آف چلنڊرين ايڪٽ 2017 به منظور ڪيو ويو جيڪو ساراهه جوڳي آهي پرڏيهي وزير چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت 2009 ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي عورتن ۽ انهن جي ٻارڙن جي ڪفالت لاءِ سماجي تحفظ لاءِ شروع ڪيو پيپلزپارٽي جي منشور جو عزم اهو آهي ته سماجي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سماجي تحفظ جي مختلف قدمن ذريعي مضبوط ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو