سنڌ حڪومت ريڊ لائن لاءِ بايو گيس پلانٽ ۽ ييلو لائن ڊيپو جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ حڪومت ريڊ لائن لاءِ بايو گيس پلانٽ ۽ ييلو لائن ڊيپو جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ييلو لائين ۽ ريڊ لائين بي آر ٽيز بابت اجلاس ڪندي ڄام صادق پل تي متبادل پل جي تعمير ۽ ڀينس ڪالوني ۾ بائيو گيس پلانٽ لڳائڻ لاءِ 32 ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ حليم شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته منصوبي جو بنيادي مقصد ييلو بي آر ٽي ڪوريڊور سان گڏ اچ وڃ، رسائي ۽ حفاظت کي بهتر بڻائڻ آهي. شرجيل ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته بي آر ٽي ييلو لائين منصوبو 61 ارب رپين جي لاڳت سان ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اهو دائود چورنگي کان نمائش تائين 21 ڪلوميٽرن جو مکيه ڪوريڊور آهي جنهن جا ٻه ڊپو هڪ دائود چورنگي ۽ ٻيو ڪرسچن ڪالوني وٽ هوندا. شرجيل ميمڻ موجب بي آر ٽي ۾ 28 اسٽيشن هوندا جن ۾ 6 انڊر پاس اسٽيشن، 9 انڊر پاسز، 2 يو ٽرن ۽ 2 پلون شامل آهن. هن اجلاس کي ٻڌايو ته بي آر ٽي ييلو لائين تي 268 ڊيزل هائبرڊ بسون هونديون جيڪي روزانو ٽي لک مسافرن کي کڻنديون. ييلو لائين بي آر ٽي ۾ 80-100 ڪلوميٽر آف ڪوريڊور روڊ جون سهولتون هونديون جن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي وڏي وزير پي اينڊ ڊي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته ڄام صادق پل جي رائيٽ آف وي ييلو لائين جي الائنمينٽ کي حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن تجويز ڪيل پل تي ڪم شروع ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته هن ورلڊ بينڪ جي ٽيم کي خاطري ڪرائي آهي ته پل جي اڳوڻي ڪاروائي ۽ مجموعي منصوبي کي جلد کان جلد شروع ڪرڻ لاءِ حتمي شڪل ڏني ويندي. ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته تفصيلي ڊيزائن جي تياري لاءِ گهربل شين جي خريداري لاءِ صلاحڪاري معاهدو ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صلاحڪارن ٽيڪنيڪل رپورٽون جمع ڪرايون آهن جن جو جائزو ورتو پيو وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ييلو لائين بي آر ٽي جي ڊپو لاءِ 10 ايڪڙ زمين جي ضرورت آهي جنهن لاءِ وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته گلشن اقبال واري علائقي ۾ زمين جو بندوبست ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو