ديربالا: (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڇوڪري جي محبت ۾ خيبرپختونخواهه آيل ڀارتي ناري انجو اسلام قبول ڪري دير بالا جي نوجوان نصرالله سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي.رپورٽ موجب فيس بڪ تي دوستي کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي شهر نئين دهلي جي رهواسڻ ڪرسچن ناري انجو ويزا کڻي خيبرپختونخواهه جي شهر دير بالا پهتي هئي جنهن کان پوءِ اڄ هن اسلام قبول ڪري دير بالا جي رهواسي نوجوان نصرالله سان عدالتي پرڻو ڪري ورتو آهي.35 ورهين جي انجو جو هاڻ نئون نالو فاطمه رکيو ويو آهي. ٻنهي ڄڻن دير بالا جي سول ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. شادي کان پوءِ نئين جوڙي سياحتي هنڌ لواري ٽٽل، بل پارڪ ۽ دير سٽي ۾ ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو ٺاهي ۽ برساتي موسم دوران انجواءِ ڪيو. جڏهن ته ڀارتي ڇوڪري کان اڃان تائين پوليس طرفان جاچ جو سلسلو جاري آهي.










