ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي 73 سال گذري ويا، ڀارت جي ڪشميري زمين تي ناجائز قبضي خلاف ڪشميري سموري دنيا ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن، جڏهن ته والاريل ويلي ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير تڪرار حل ڪيو وڃي. ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون. ڀارتي ظلمن کي سموري دنيا ۾ وائکو ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري ڀارتي سفارتخانن آڏو احتجاج ڪندا. ڪشميرين تي ظلم خلاف ڪاري ڏهاڙي تي وزيراعظم عمران خان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته 7 ڏهاڪن کان جاري ظلمن باوجود ڀارت ڪشميرين جو عزم ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو، گڏيل قومون سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير تڪرار حل ڪن. عالمي برادري خطي کي غيرمستحڪم بڻائڻ کان ڀارت کان روڪي. وزيراعظم عمران خان جو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته اڄوڪي ڏينهن تي وچن ڪيون ٿا ته ڪشميرين کي حق نه ملڻ تائين سندن هر ممڪن مدد ۽ حمايت جاري رکنداسين.










