ڀارتي حملي ۾ 40 شهري ۽ 11 فوجي شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر

ڀارتي حملي ۾ 40 شهري ۽ 11 فوجي شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارت جي وحشيانه حملن ۾ 40 شهري ۽ 11 فوجي شهيد ٿيا، پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارتي فوجن بي سبب ۽ قابل مذمت وحشيانه حملا ڪيا، جن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت معصوم شهري شامل هئا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي حملي ۾ 7 عورتون ۽ 15 ٻارن سميت 40 شهري شهيد ٿيا، جڏهن ته حملن ۾ 10 عورتون ۽ 27 ٻارن سميت 121 ماڻهو زخمي ٿيا، آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستاني هٿياربند فوجن ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ مادر وطن جو دفاع ڪندي 11 فوجي شهيد ٿيا، جڏهن ته هٿياربند فوج جا 78 سپاهي زخمي ٿيا، آءِ ايس پي آر موجب، شهيد ٿيندڙ فوجين ۾ نائيڪ عبدالرحمان، لانس نائيڪ دلاور خان، لانس نائيڪ اڪرام الله، نائيڪ وقار خالد، سپاهي محمد عديل اڪبر ۽ سپاهي نثار شامل آهن، ان کان علاوه پاڪستان ايئر فورس جا اسڪواڊرن ليڊر عثمان يوسف، چيف ٽيڪنيشن اورنگزيب، سينئر ٽيڪنيشن نجيب، ڪارپورل ٽيڪنيشن فاروق ۽ سينئر ٽيڪنيشن مبشر پڻ شهيدن ۾ شامل آهن، آءِ ايس پي آر چيو ته شهيدن جي عظيم قرباني جرئت، لگن ۽ بي لوث حب الوطني جي لازوال علامت آهي. شهيدن جي عظيم قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. قوم جارحيت جي منهن ۾ پرعزم آهي. ان ۾ ڪو به ابهام نه هجڻ گهرجي. پاڪستان جي خودمختياري يا علائقائي سالميت کي چئلينج ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو مڪمل ۽ فيصلو ڪندڙ جواب ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو