ڀارت جي 10 فوجي ٺڪاڻن تي فتح ۽ سپر سونڪ ميزائيل سان حملا

ڀارت جي 10 فوجي ٺڪاڻن تي فتح ۽ سپر سونڪ ميزائيل سان حملا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيندي ڇنڇر تي فجر جو ڪاروايون شروع ڪيون آهن، جنهن ۾ ڀارت جي مختلف ايئر فيلڊز، هٿيارن جي ڊپوز ۽ تربيتي مرڪزن تي ميزئيل حملا ڪيا آهن. هندستان خلاف شروع ڪيل ‘آپريشن بُنيان المرصوص’ ۾ هندستان جي 10 کان مٿي فوجي ٺڪاڻڻ کي نشانو بڻايو ويو اهي. جن ۾ سورت ڳڙهه ايئرفيلڊ،  اُڌم پور ايئر فيلڊ، سرسه ايئر فيلڊ، بٽنڊه ايئرفيلڊ، پٺاڻ ڪوٽ ايئر فيلڊ، بياس ۾ براهموس هٿيارن جي اسٽوريج سائيٽ، آدم پور ايئرفيلد تي جي ايف 17 ٿنڊر ذريعي سپر سانڪ ميزائيل سان حملو ڪري ايس 400 سسٽم جيڪو 1.5 ارب ڊالر جي ماليت جو هو، ان کي تباهه ڪيو آهي، ڪاجي ٽاپ ۾ ڀارت جو برگيڊ هيڊ ڪوارٽر تباهه ڪيو آهي، اخنور ايوي ايشن بيس، دهرانگياري آرٽلري گن پوزيشن، راجوڙي والاريل ڪشمي ۾ ڀارتي ملٽري انٽيليجنس تربيتي مرڪز کي به تباهه ڪيو آهي. اسحاق ڊار موجب ڀارت تي سائبر حملا ڪري 70 سيڪڙو بجلي سپلائي معطل ڪئي وئي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جي وضاحت

ڀارت 8 ۽ 9 مئي جي وڄ واري رات پاڪستان جي مختلف ايئربيسسز تي حملا ڪيا آهن. هن تصديق ڪئي ته راولپنڊي جي نور خان ايئبيس، مريد ايئربيس چڪوال ۽ رفيقي ايئر بيس شورڪوٽ، جهنگ تي ميزائيل حملا ڪيا ، جنهن ۾ ڪو به نقصان ناهي ٿيو ۽ اسانجا سڀ جهاز ۽ ملڪيتون محفوظ آهن.

آمريڪي ٽاپ ڊپلوميٽ جا رابطا

آمريڪا جي ٽاپ ڊپلوميٽ مارڪو روبيو جنرل عاصم منير کي فون ڪري پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ڀارت جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب پاڪستان آمريڪا جي آڇ کي ويلڪم ڪيو آهي. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ٽيمي بروس پاران جاري ڪيل بيان موجب، “پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اڄ پاڪستاني آرمي چيف عاصم منير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته روبيو “ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو ته هو ڇڪتاڻ گهٽائڻ جا طريقا ڳولين ۽ مستقبل جي امڪاني تڪرارن کان بچڻ لاءِ تعميري ڳالهين جي شروعات ۾ آمريڪا جي مدد جي آڇ ڪئي.” ٻئي پاسي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ آمريڪي شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي چر پر محدود رکن. ٻئي پاسي چين، روس ۽ عرب ملڪ پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڀري رهيا آهن ته هو تحمل ۽ برداشت جو مظاهرو ڪن ۽ ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پرهيز ڪن.

پاڪستاني آپريشن جو نالو بنيان المرصوص ڇو آهي؟

سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان پاران شروع ڪيل ‘آپريشن بنيان المرصوص ‘ جو مطلب ‘لوهه جي ڀت’ آهي، بنيان المرصوص جو نالو سوره الصف جي آيت 4 مان ورتو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته انهن ئي هوائي اڏن تان نشانو بڻايو ويو آهي جتان پاڪستان جي ماڻهن ۽ مسجدن کي نشانو بڻايو ويو هو. سڪيورٽي ذريعن موجب دشمن خلاف آپريشن فجرجو شروع ڪيو ويو ۽ ڀارت تي فتح ون ميزائل فائر ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب فتح ميزائل جي رينج 120 ڪلوميٽر آهي، ميزائل ۾ جديد نيويگيشن سسٽم ۽ اعليٰ درستگي شامل آهي. پاڪستان هندستاني حملي جو جواب هندستاني فوجي تنصيبات تي حملو ڪري ڏنو. پاڪستان جي فتح ميزائلن جي حملن کان پوءِ، هندستان جي اُڌم پور ايئر بيس تباهي جا منظر ڏيکارڻ شروع ڪيا. بياس علائقي ۾ براهموس اسٽوريج سائيٽ کي پاڪستاني ميزائلن تباهه ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني فوج پٺاڻ ڪوٽ ۾ ايئر فيلڊ کي به تباهه ڪيو. پاڪستاني فوج نئين دهلي ۾ ڪجهه ٽارگيٽس کي به نشانو بڻايو آهي، جي ٽاپ تي هندوستاني برگيڊ هيڊ ڪوارٽر ۽ اُڙي ۾ هڪ سپلائي ڊپو پڻ تباهه ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته هي ڪارروائي هندستاني جنگي جنون خلاف هڪ واضح پيغام آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي سمجهوتو نه ڪندو.سيڪيورٽي عملدارن وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت آهي ته هندستان کي ان جي جارحاڻي ارادن لاءِ مناسب جواب ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو