ڀارت مان فائر ٿيل سپر سانڪ ميزائيل ميان چنون ۾ تباهه

ڀارت مان فائر ٿيل سپر سانڪ ميزائيل ميان چنون ۾ تباهه

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو آهي ته ڀارت مان اڏامندڙ شئي’فلائنگ آبجيڪٽ‘ پاڪستان ۾ داخل ٿيو ۽ ميان چنون ۾ ڪريو آهي. جنهن سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيو پر ڀت ڪري پئي آهي. هن چيو ان م ڪو ڌماڪيدار مواد نه هو. 9مارچ تي 6.40 تي پاڪستان م 3 منٽ 24 سيڪنڊ موجود رهڻ بعد ڪري پيو. اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا ۽ وڌيڪ جاچ ٿي رهي آهي. ايئرفورس وارن ان جو پيڇو ڪيو ۽ ڀارت ۾100 ڪلوميٽر اندر جڏهن هي اڏاميو هو ته اسانجي ايئرفورس ان جي مانيٽرنگ شروع ڪئي هئي. ان موقعي تي ايئر فورس جي وائيس مارشل چيو ته فلائنگ آبجيڪٽ سپر سانڪ ميزائيل لڳي ٿو پر وڌيڪ تفصيل فورينزڪ جانچ بعد سامهون ايندا. بابر افتخار چيو ته 40 هزار فٽ جي بلندي تي هي اڏامي رهيو هو. اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا، اسانجي فوج مڪمل چوڪس آهي. وڌيڪ پروٽوڪول موجب فارين آفيس ڪاروائي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو