واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ڀارت سان تمام وڏو ۽ اهم تجارتي معاهدو ڪرن چاهي ٿو پر کيس پڪ ناهي ته سندس نومبر ۾ مدو پورو ٿيڻ تائين ان تي صحيح ڪري سگهندو يا نه. اهرو اظهار هن ميري لينڊ ۾ ايئرفورس ون جهاز ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. آمريڪي صدر 24 فيبروري تي ڀارت جي سرڪاري دوري تي پهچي رهيو آهي جتي مودي احمد آباد ۾ سندس وڏي جلسي جي تياري ڪري رهيو آهي “هيلو ٽرمپ” جنهن ۾ هوائي اڏي کان جلسي گاهه تائين 70 لک ماڻهن جي شرڪت جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. صدر ٽرمپ چيو ته ڀارت آمريڪا سان سٺو سلوڪ نه ڪندو آهي پر مودي مونکي وڻندو آهي. آمريڪا ۽ ڀارت جو 2018 ۾ ٻطرفو واپار 142.8 ارب ڊالر تي پهچي ويو هو. هاڻي آمريڪا ڀارت جي ڊير ۽ پولٽري مارڪيٽ تائين رسائي چاهي ٿو پر ٽيرف ۽ ٻين معاملن تي ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف آهن ۽ آمريڪا جي ٽپ مذاڪرات ڪار رابرٽ لائِٽيرز عين وقت تي پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو جنهن مان لڳي ٿو ته ٽرمپ جي دوري دوران شايد معاهدو نه ٿي سگهي. چين کانپوءِ ڀارت ٻيو وڏو آمريڪا جو تجارتي پارٽنر آهي ۽ ڀارت آمريڪي ڪمپني لاڪ هيڊ کان 2 درجن جديد فوجي هيليپاڪٽر جن جي ماليت 2.6 ارب دالر آهي، خريدڻ لاءِ به تيار آهي. ڀارت ويجهڙ ۾ پنهنجي روايتي ملٽري پارٽنر روس کان منهن موڙي آمريڪا سان ناطا وڌايا آهن.










