پاڪستان ڀارتي فوجين کي قيدي بڻائي ڇڏيو،ڪاروايون جاري رهنديون

پاڪستان ڀارتي فوجين کي قيدي بڻائي ڇڏيو،ڪاروايون جاري رهنديون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزيرخواجه آصف تصديق ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڀارتي فوجين کي قيدي بڻائي ڇڏيو آهي،پاڪستان تي ڀارت جي بزدلاڻي حملي تي رد عمل ڏيندي چيو ته ڀارت حملي جو جواب ڏيندو، بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف جو چوڻ آهي ته ڀارت شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن طريقي سان ڀارت حملو ڪيو ان کان وڌيڪ جواب ڏنو ويندو،هن چيو ته ڀارت شهري آبادي ۽ مسجدن تي حملو ڪيو، ڀارت کي ڀرپور ۽ فوري جواب ڏنو ويندو، اسان فوجي ۽ سفارتي سطح تي ڀارت کي ڀرپور ۽ فوري جواب ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو