ڀارت جي آبي دهشتگردي، پاڻي ڇڏڻ سبب جهنگ ۾ ٻوڏ

ڀارت جي آبي دهشتگردي، پاڻي ڇڏڻ سبب جهنگ ۾ ٻوڏ

جهنگ (ويب ڊيسڪ)ڀارت پاران چناب درياهه ۾ فلڊ گيٽس ڇڏڻ کانپوءِ جهنگ ويجهو هيٺين سطح جي ٻوڏ اچي وئي.ٻوڏ سبب 30 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جڏهن ته چناب درياهه ۾ اونچي سطح جي ٻوڏ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب آس پاس جي آبادگارن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.سکر ۽ گڊو بئراج وٽ به هيٺين سطح جي ٻوڏ آئي، جڏهن ته سکر بئراج وٽان 12 ڄڻن جا لاش مليا.ٻئي طرف سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب ٻارڙن ۾ گيسٽرو جي بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو