اسلام آباد (بيورو رپورٽ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اڄ ڇنڇر تي ڀارت ۽ اسرائيل جي هٿن ڪنڊن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ هڙتال ٿيندي، فوج ۽ قوم کي جنگ لاءِ تيار رهڻو پوندو، ڇو ته هي جنگ ڀارت مڙهي رهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيوته هن وقت خليج ۽ خطي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي، ڀارت پاران جيڪو خالص فليگ آپريشن ڪيو ويو، ان کان پوءِ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي، هن چيو ته ڀارت خلاف پوري قوم کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي، خليج ۾ ڀارت ۽ اسرائيل ۽ آمريڪا جو ڳٺ جوڙ بدامني تي ٻڌل آهي، حافظ نعيم الرحمان چيوته جماعت اسلامي يوم مذمت اسرائيل، ڀارت ۽ آمريڪا ملهائي رهي آهي، اڄ ڀارت ۽ اسرائيل هٿڪنڊن جي خلاف پوري ملڪ ۾ هڙتال ٿيندي، سڀ تاجر تتنظيمون ان حوالي سان تياري ڪري رهيون آهن ۽ اهي مظلومن سان گڏ هجڻ جو اعلان ڪنديون، هن چيوته ڀارت جو فالس فليگ آپريشن ڪوئي نئون ناهي هي ان کان اڳ جو طور طريقو آهي، 2000 ۾چجي سنگهه پورا ۾ سکن کي قتل ڪيو ويو ۽ الزام پاڪستان تي مڙهيو ويو، ان کان پوءِ مستند حوالن سان ٻڌايو ويو ته هي ڀارت جو پنهنجو ڪيل هو، ان وقت بل ڪلنٽن چيو هو ته شايد اسان جو دورو نه ٿئي ها ته سک نه ماريا وڃن ها، حافظ نعيم الرحمان چيوته 1995ع ۾ 6 سياح اغوا ٿيا ان جو الزام به پاڪستان تي مڙهيو وي، 2001ع ۾ پارليامينٽ تي حملي جو ڪوڙو ناٽڪ ڪيو ويو ۽ پاڪستان تي الزام مڙهي افضل گورو کي بغير ثبوت سزا ڏني وئي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا کي اعتماد ۾ وٺي بڪواس ڪئي پئي وڃي، ان جي جنون جو نتيجو آهي، ڀارت کي هميشه شڪست ملي آهي ۽ انشالله هن ڀيري به کيس شڪست مقدر بڻجندي.










