ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايمنيسٽي انٽريشنل، ڀارت پاران غزه ۾ فلسطينين جي قتل عام لاٰءِ وڏي پيماني تي هٿيار، گولا بارود ۽ بم اسرائيل کي فراهم ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
انساني حقن واري تنظيم خميس ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ “ميڊ اِن انڊيا” ۾ واپاري انگن اکرن جو جائزو وٺندي ڄاڻايو آهي ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان 30 نومبر 2025ع تائين ڀارت مان اسرائيل ڏانهن هٿيارن، گولا بارود، پرزن ۽ ٻين فوجي جزن جون گهٽ ۾ گهٽ 2596 شپمينٽس موڪليون ويون.
رپورٽ موجب انهن موڪليل شين ۾ ننڍن هٿيارن جا پرزا، توپن جي گولن جا خول ۽ گهمندڙ (Loitering) بارودي هٿيارن لاءِ ڌماڪيدار وار هيڊ به شامل هئا. ايمنسٽي چيو ته انهن مان ڪجهه سامان اسرائيلي فوجي ڪمپنين ايلبٽ سسٽمز (Elbit Systems)، رافائيل (Rafael) ۽ اسرائيل ايرو اسپيس انڊسٽريز (Israel Aerospace Industries) کي فراهم ڪيو ويو.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته انهن هٿيارن جا ڪيترائي هٿيار فراهم ڪندڙ ادارا سڌيءَ طرح ڀارتي حڪومت جي ملڪيت آهن يا ان جي ڪنٽرول هيٺ آهن، ۽ تنظيم نئين دهلي تي الزام لڳايو ته هن عالمي قانون موجب هٿيارن جي برآمد تي مناسب ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي ڏيکاري آهي.
ايمنسٽي جي سيڪريٽري جنرل اگنيس ڪيلامارڊ چيو ته، “ڀارت اهم هٿيار فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي ملڪيت ۽ ڪنٽرول ذريعي اسرائيل ڏانهن منتقل ٿيندڙ هٿيار تيار ڪري ۽ فراهم ڪري رهيو آهي.” هن اسرائيل ڏانهن هٿيارن جي منتقلي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ايمنسٽي موجب هن 2026ع جي وچ ڌاري ڀارتي حڪومت ۽ رپورٽ ۾ شامل نَوَ ڪمپنين کي خط لکي پنهنجو موقف گهريو هو، پر رپورٽ شايع ٿيڻ تائين ڪنهن به جواب نه ڏنو.










