ٿرڪول خواب نه پر ساڀيان بڻجي چڪو؛ پارليامينٽرينز وفد

ٿرڪول خواب نه پر ساڀيان بڻجي چڪو؛ پارليامينٽرينز وفد

اسلام ڪوٽ ( صادق بجير ) قدرتي وسيلن جي نتيجي ۾ ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ شراڪتي ترقي واري ماڊل کي ملڪ جي سمورن سي پيڪ رٿائن ۾ شامل ڪرايو ويندو، قدرتي وسيلن مان مقامي ماڻهن ۽ علائقي جي ترقي رعايت نه پر سندن حق آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز جي هڪ وفد ٿرڪول بلاڪ ٽو جي مائيننگ، بجلي گهر ۽ ٿرفائونڊيشن اسڪيمن جو دورو ڪرڻ بعد ڪيو. وفد جي سربراهي پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي سينيٽر مشاهد حسين سيد ڪري رهيو هو، جڏهن ته وفد ۾ سينيٽر نعمان وزير، سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، سينيٽر ڪرشنا ڪولهي، سينيٽر رخسانه زبيري، سينيٽر ليفٽينٽ جنرل ريٽارئرڊ عبدالقيوم، وڏي وزير جي خاص معاون ويرجي ڪولهي ۽ ٻيا ماهر شامل هئا. وفد بلاڪ ٽو تي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پاران جاري ڪول جي کوٽائي واري ڪم، اينگرو پاورجين ٿر لميٽيڊ جي 660 ميگاواٽ جي بجلي گهر سميت ٿر فائونڊيشن انڊس اسپتال اسلام ڪوٽ ، ٽي سي ايف اينگرو ڪيمپس، ماروي ڪلينڪ، ڊي ڪيئر سينٽر، خوشحال ٿر، عورتن کي بااختيار بنائڻ واري پروگرام، سينگارو آر پلانٽ ۽ نيو سينهري درس جو پڻ دورو ڪيو. وفد ڊمپر هلائيندڙ عورتن سان به ملاقات ڪئي.

اينگرو انرجي جي سربراهه احسن ظفر سيد ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿرفائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيد ابوالفضل رضوي سمورن رٿائن ۽ اسڪمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد کي بريفنگ ڏيندي احسن ظفر سيد ۽ سيد ابوالفضل رضوي چيو ته ٿر ڪول بلاڪ تي هلندڙ ڪول جي کوٽائي وارو ڪم 180 ميٽر تي پهچي چڪو آهي، ھن چيو ته سمورن ملازمتن مان 70 سيڪڙو ملازم مقامي ٿري ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. مقامي آبادي جي ڀلائي لاءِ ٿر فائونڊيشن ذريعي بين الاقوامي جٽادرا ترقي جي ماڊل کي مدنظر رکندي ترقياتي ڪم جاري آهن. مقامي آبادي جي لاءِ صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سميت مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اسان ڪوئلي کي ڪڍي نه صرف بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون پر مقامي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پڻ جوڳا قدم کڻي رهيا آهيون. ان موقعي تي سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو منصوبو بهترين سماجي، معاشي، اقتصادي ترقي جو بهترين ماڊل آهي، اھڙي قسم جا ماڊل جنهن ذريعي مقامي ماڻهن جي زندگي ۾ حقيقي تبديلي نظر ايندي ھجي اهڙن مثالي منصوبن جي اسان وٽ اڻاٺ آهي. ٿر فائونڊيشن، سنڌ حڪومت ۽ اينگرو ڪمپني پاران جيڪي سماجي ترقي لاءِ جيڪي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا آهن اهي انتهائي ڪارآمد ۽ جٽادار آهن، ھن پراجيڪٽ ذريعي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت مقامي ماڻهن جي روزگار جي لاءِ جيڪي موقعا فراهم ڪري انهن کي اوليت جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ وارو جيڪو ماڊل آهي، اھو ماڊل اگر سنڌ صوبي سميت ملڪي سطح تي هن ماڊل کي اپنايو وڃي ته وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي. مقامي ماڻهن جو جيڪي حق آهن انهن حقن کي تسليم ڪندي جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن انهي ۾ سنڌ حڪومت جو پڻ اھم ڪردار آهي، جيڪا بنا منافعي جي لالچ جي مقامي ماڻهن جي زندگين جي تبديلي لاءِ ڪم رهي آهي، اھڙي ماڊل کي اپنائڻ تي اينگرو ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت جس لھڻن. سينيٽر ڪرشنا ڪولھي چيو ته ٿر ڪول منصوبو جيڪو ڪامياب منصوبو آهي،هن منصوبي سان نه صرف ٿر ترقي ڪري رهيو آهي پر ٿر پاڪستان بدلائي رهيو آهي، ٿر ڪول بلاڪ ٽو واري منصوبي تي عورتن جي خودمختياري جي لاءِ جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڊمپر ڊرائيور، ميلس آن ويلس سميت عورتن جي ملازمت وارا منصوبا قابل تعريف آهن. انهي موقعي تي سينيٽر نعمان وزير چيو ته ٿر ڪول لاءِ چيو ويندو هو ته ٿر جي ڪوئلي جي ڪوالٽي خراب آهي، پر هي لگنائيث ڪول آهي، هي ڪارآمد ڪوئلو آهي، هن ڪول کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو ايترو ئي نه پر هن ڪوئلي مان 660 ميگاواٽ بجلي پڻ پيدا ٿي رهي آهي،اينگرو ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت گڏجي هن پراجيڪٽ کي ڪامياب بڻايو آهي ۽ واقعي نظر آيو ته سنڌ حڪومت جو هي ڪامياب منصوبو آهي. هن چيو ته آئون خوش نصيب آهيان جيڪو اينگرو ڪمپني جي ڪامياب منصوبي کي پنهنجي اکين سان ڏسان پيو، اينگرو جي عملدارن کي پڻ جس ڏيان ٿو جن ملڪي ترقي جي اھم پراجيڪٽ تي نيڪ نيتي سان ڪم ڪيو آهي. سينيٽر سڪندر منڌرو چيو ته اسان وٽ وڏي مقدار ۾ ذخيرا موجود هئا جن کي ڪتب نه آندو ويو ھو پر هن وقت استعمال آندو پيو وڃي ۽ ثابت ٿي چڪو آهي ته هي ذخيرو ڪارو سون آهي، جيڪو ملڪي ترقي جو ضامن آهي هن چيو ته انهي ڪاري سون جي مالڪن کي فائدو پهچڻ گهرجي جيڪو فائدو انهن کي پڻ پهچي رهيو آهي، جنهن جو مثال علائقي جي جٽادار ترقي آهي، انهي سماجي ترقي واري ڍانچي جو مثالي ماڊل ملڪي سطح تي ڪٿي به نه ٿو ملي، هن چيو ته ٿر ڪوئلي جي انهي ذخيرن کي استعمال ڪندي ملڪي ترقي ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي ٿر ڪول منصوبو هڪ خواب هو جيڪو ساڀيان ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو