مٺي(لياقت نھڙيو) ٽيڊيڪس اسلام ڪوٽ طرفان ٿر فائونڊيشن، يو ايس اليومني نيٽ ورڪ، يو ايس اي امبيسي، حبڪو جي تعاون سان هڪ پروگرام مٺي ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي. پروگرام جو مقصد ٽيڪنالاجي، مزاح ۽ فن کي دنيا ۾ ظاهر ڪرڻ هيو. انهي پروگرام جو مقصد هو ته ٿر ۽ مقامي ماڻھن جي ڪامياب سفر ۽ انهي جي سوچن ۽ خيالن کي دنيا ۾ جڳهه ڏيڻ ھو. پروگرام ۾ قاضي شاهد پرويز، جاويد ميمڻ، گڊو، راڌا ڀيل، علي گل ۽ ٻين فليڊن جي متعلق تفصيلي طور ڳالهايو.

پروگرام ۾ ٿر جي نابين فنڪار پانچو پاڪستان پڻ پنهنجي آواز ذريعي پنهنجو صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ۽ ٿر جي نوجوان راڳي نزاڪت صادق فقير ۽ الهبچايو فقير پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. پروگرام جي حوالي سان ڳالهائيندي قاضي شاهد پرويز چيو ته هن پروگرام سان هتان جي ماڻھن ۾ اتساهه پيدا ٿيندو ۽ هتي جي ٽئلينٽ جي همت افزائي ٿيندي انهي سان ئي پتو پئجي ٿو ته ٿر واقعي به پاڪستان کي بدلائي رهيو آھي. راڌا ڀيل چيو ته اسان غربت ۾ تعليم پرائي منهنجو والد اڻ پڙھيل هو انهي وقت اليڪشن ۾ بيٺل بابا وٽ ايندا ھئا ته آئون اتي وڃي بيهندي هئس انهي وقت هٿ سان اليڪشن وارا پمفليٽ لکيا هئا اسان کي پڙھايو ۽ منهنجو ڀاءُ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. ستن ڀائرن ڀينرن ۾ اسان ٽي ڄڻا ئي پڙھياسين. اسان دلت تحريڪ هلائي ڇو جو هيٺيئن طبقن کي نمائندگي نٿي ملي مون آزاد اميدوار طور حصو ورتو.










