ٿر ڪول جي رائلٽي ٿر جي رهواسين  تي  خرچ ڪنداسين:امتياز شيخ

ٿر ڪول جي رائلٽي ٿر جي رهواسين تي خرچ ڪنداسين:امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي رائلٽي ٿر جي رهواسين جي گهرن تي سولر سسٽم لڳائڻ تي خرچ ڪئي ويندي. ٿر فائونڊيشن بورڊ جي 15هين اجلاس جي صدارت ڪندي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته صوبائي حڪومت ٿر بلاڪ 2 جي متاثرين جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ٿر فائونڊيشن تحت قائم ڪيل عوامي سهولتن جي فراهمي تي پڻ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ته TCF تحت 28 اسڪول قائم ڪيا ويا جن مان 23 اسڪول مڪمل طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسڪول جي استادن کي تربيت ڏيڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ ٿر جي ماڻهن کي راندين جون سهولتون خاص ڪري ڪرڪيٽ جي سهولت پڻ ڏني آھي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته علائقي ۾ اسڪل ڊولپمينٽ لاءِ هوٽل مئنيجمينٽ ڪورسز، ٽورازم ٽريننگ پروگرام، عورتن جي ووڪيشنل ٽريننگ ۽ آئي ٽي ٽريننگ پڻ ڏني پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ذهني صحت لاءِ اسپتال قائم ڪرڻ جو عمل به جاري آهي ٿر ڪول پلانٽ سائيٽ تان آبادي جي لڏپلاڻ لاءِ مالي مدد پڻ ڪئي وئي آهي توانائي واري وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي هدايت تي ٿر ڪول بلاڪ 2 مان حاصل ٿيندڙ رائلٽي کي ٿر جي رهواسين جي گهرن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ تي خرچ ڪيو ويندو ته جيئن مقامي رهواسين جي گهرن ۾ سولر سسٽم نصب ڪيو وڃي ۽ علائقي جي ماڻهن کي پاڻي جي فراهمي سميت بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو اجلاس ۾ سيڪريٽري انرجي ابوبڪر مدني، ٿر فائونڊيشن بورڊ جا ميمبر، ميمبر قومي اسيمبلي مهيش ڪمار ملاح، ميمبر صوبائي اسيمبلي سنڌ فقير شير محمد، سي اي او اي اين يو صوفي صديقي، سي اي او حبڪو سليم الله ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو