اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ناڻي واري وزير پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ٻوجهه گهٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ آمدني ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي. ساليانو 6 لک تائين آمدني اڳ جيان هاڻي به ٽيڪس کان آجي هوندي. 6 لک کان 12 لک تائين آمدني تي 6 لک کان مٿي واري رقم تي هڪ سيڪڙو انڪم ٽيڪس لڳندي. 12 لک کان 22 لک تائين آمدني وارن تي 6 هزار فڪس ۽ 12 لک کان واڌو رقم تي 11 سيڪڙو انڪم ٽيڪس لڳندي. 22 لک کان 32 لک سالياني آمدن وارن تي ٽيڪس جي شرح 23 سيڪڙو مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، 32 کان 41 لک جي آمدن تي 30 سيڪڙو جي ٽيڪس ۾ 5 سيڪڙو رليف ڏنو ويو هاڻي اهي 25 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندا. 41 کان 56 لک آمدن تي ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو مان گهٽائي 29 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. 56 لک کان 70 لک تائين جي پگهاردارن تي 35 سيڪڙو مان ٽيڪس گهٽائي 32 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. 70 لک کان مٿي پگهار وارن تي 14 لک 24 هزار فڪس ۽ 70 لک کان مٿي واري آمدن تي 35 سيڪڙو انڪم ٽيڪس برقرار رهندي.










