پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ جون 100 بسون پهچي ويون آهن:شرجيل ميمڻ

پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ جون 100 بسون پهچي ويون آهن:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ،ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جون چين مان 100 بسون ڪراچي بندرگاھ تي پهچي ويون آهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پيپلز بس سروس جي روٽ ون جو آغاز ٿي ويو آهي. انشاءَ الله پهرين جولائي کان روٽ 2 تي به ڳاڙهيون بسون ڊوڙنديون نظر اينديون جڏهن ته ٻن مهينن جي اندر ڪراچي جي سمورن ستن روٽس تي بسون هلايون وينديون. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي شهرين سان ڪيل واعدي کي پوري ڪرڻ طرف تيزي سان وڌي رهي آهي. پيپلز بس سروس جي آغاز کان پوءِ تمام جلد اورنگي جي شهرين جي لاءِ اورينج لائن جو به آغاز ڪيو ويندو. پيپلز بس سروس جون ڪل 240 بسون ڪراچي پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته ڪراچي جي شهرين سان واعدو آهي ته هڪ ٻن سالن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هزارين بسون آڻيندي . چين ۽ ترڪي جي ٻن ڪمپنين سان ڪراچي ۾ بسن جي مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ لاءِ به ڳالھ ٻولھ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. صوبائي وزير چيو ته بسن جو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کي وڃي ٿو. هن چيو ته ڪراچي جا شهري پيپلز بس سروس کي ڪامياب ڪن ۽ ان جي حفاظت ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو