پيٽروليم شين ۾ واڌ،عوام روڊن تي نڪري آئي،روڊ بلاڪ

پيٽروليم شين ۾ واڌ،عوام روڊن تي نڪري آئي،روڊ بلاڪ

جوھي ( ن سنڌيار) وفاقي سرڪار پاران تيل جي اگھ ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آئي، خبر موجب سڄي ملڪ جيان جوھي ۾ به وفاقي سرڪار پاران تيل جي اگھ ۾ واڌ خلاف مزدورن، پورهيتن سوشل ورڪرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن، سڪندر خان جمالي, زبير جمالي, ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ غلام قادر لغاري , ڪامريڊ جمن ٻٻر, پي ٽي آئي اڳواڻن سجاد حيدر جمالي, ڪامريڊ ايوب لغاري, خليل عارف سومرو, گلشير رند, ڪامريڊ عبدالله کوسوسميت شھرين ۽ رڪشا ڊرائيورن شھيد مخدوم بلاول پارڪ آڏو مين دادو جوھي روڊ تي سخت احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائري ساڙي ڌرڻو ھنيو , وفاق سرڪار خلاف سخت نعري بازي ڪئي , ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ٻين چيو ته وفاقي سرڪار پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگھ وڌائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. غريب عوام اڳ ۾ مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آھي ٻيو وري تيل جا اگه وڌائي غريب عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته پنهنجي بکايل ٻچڙن جي حقن لئي هي ظالم سرمائيدار ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا اسان تباھ ۽ برباد ٿي وينداسين. هنن وفاق حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته تيل جي اگهن کي گهٽائي غريب مسڪين عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو