اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران پيٽروليم شين جي نين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 39 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 327 رپيا 12 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 83 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 375 رپيا 4 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن جو تعين اوگرا (OGRA) پاران ڪيو ويو آهي، جيڪي اڄ رات 12 بجي کان سڀاڻي رات 12 بجي تائين لاڳو رهنديون.










