اسلام آباد(بيورو)حڪومت پيٽروليم شين تي ٻيهر سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ايندڙ مالي سال ۾ پيٽروليم شين تي 30 رپيا في ليٽر ليوي جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا مرحليوار لاڳو ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح صفر آهي ان ڪري ٻيهر پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










