اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رهنديون.اسحاق ڊار چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا موجوده اگهه 15 اپريل تائين برقرار رهندا.پيٽرول جي قيمت 272 رپيا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 293 رپيا في ليٽر برقرار رهندي.اسحاق ڊار چيو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ به 10 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.گاسليٽ 10 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ بعد نئين قيمت 180 رپيا 29 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.لائيٽ ڊيزل آئل 10 رپيا 68 پئسا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي. پيٽروليم شين جون قيمتون رات 12 وڳي کان 15 اپريل تائين برقرار رهنديون.










