اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي گهرو وزير عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد جو چوڻ آهي ته پيٽرول مافيا حڪومت کي 3 ڏينهن کان پيٽرول اگهه ۾ گهٽتائي جي اجازت ناهي ڏني.لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ انشاءَ الله حڪمرانن جا 150 ڪرپشن ڪيس بحال ڪري ڇڏيندي.سندس چوڻ آهي ته نيب ترميمون ڪالعدم ٿينديون ۽ 1 ڪروڙ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملندو، 70 وزيرن جو انگ آئين خلاف آهي، هو ان خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ويندا.شيخ رشيد چيو ته پي ٽي ايم پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪي آهي، معاشي بحران انتهائي سنگين ٿي ويو آهي، مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته پ پ قوم کي مهانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، مفاهمت يا مزاحمت جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي.اڳوڻي وفاقي گهرو وزير جو اهو به چوڻ هو ته وزير پنهنجي تڪن ۾ به نٿا وڃي سگهن، 21 وزير بغير کاتي جا آهن، بلاول مهمانن جي حيثيت ۾ پاڪستان اچي ٿو ۽ آفيس نه ٿو وڃي.










