اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان فوري طور تي پيٽرول ۽ ديزل جي قيمت م 15 روپيا في لٽر گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي گادي واري شهر ۾ معاشي ٽيم سان اهم گڏجاڻي بعد سينئر صحافين سان ڳالهائيندي هن ڪورونا وائرس سبب مختلف شعبن کي ٿيندڙ نقصان بابت معاشي پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته بجلي ۽ گيس جا بل عوام قسطن ۾ ادا ڪري سگهي ٿو، طبي سامان لاءِ 50 ارب روپيا جاري ڪيا ويندا ۽ کاڌي پيتي جي مختلف شين تي ٽيڪس گهٽايو ويندو. ڏهاڙيدار مزدورن لاءِ 200 ارب روپيا، ايڪسپورٽرز کي 100 ارب روپيا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين صنعتن ۽ زرعي شعبي لاءِ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن جنهن مان کين گهٽ ويج جي شرح تي قرض به ڏنو ويندو، هر غريب خاندان کي 4000 روپيا ماهوار ڏنا ويندا. هن چيو ته مونکي غريبن جو احساس آهي ڪرفيو لڳائڻ سان غريب تي اثر پوندو امير طبقي کي ڪجهه نه ٿيندو. هن چيو ته عدالتن مان به اميرن ۽ غريبن لاءِ انصاف جو پيمانو مختلف آهي. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي ميان شهباز شريف پيٽرول جو اگهه 70 روپيا في لٽر گهٽ ڪرڻ، قرشن تي وياج جي شرح ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي، بجلي ۽ گيس جا اگهه گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. ياد رهي ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت تمام گهٽ آهي ۽ ان حساب سان 30 کان 40 روپيا في لٽر قيمت گهٽ ٿيڻ گهرجي.
آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.1 ارب ڊالر قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي
غزا ۾ امن بنا دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم
پي ايس او 4 لک ميٽرڪ ٽن ڊيزل درآمد روڪي ڇڏي
اسٽبلشمينٽ ۽ آمريڪا تي ڀاڙڻ وارا حڪمران قبلو درست ڪن
اسان کي روڪيندڙ پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪندا، تحريڪ هلائڻ جو اعلان
ڪراچي جي ڪمرشل گئس جو وڏو حصو ڪوئيٽا ۾ استعمال ٿيڻ جو انڪشاف
دنيا ۾ ارب پتين جي انگ ۾141 جو اضافو، تعداد 2781 ٿي ويو
وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو
ڪي اليڪٽرڪ بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي
سير سفر جي شوقينن لاءِ گوگل ميپس ۾ نئون ۽ ڪارائتو فيچر متعارف
وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مختلف منصوبن جي فزيبلٽي اسٽڊي جي منظوري
علي امين جو اسلام آباد تي قبضي جو بيان صحيح آهي: عمران
6 ججن جو خط: انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ لاءِ نئين درخواست داخل
شهدادپور ۾ هٿياربندن جي گهر مان ڦر، زال مڙس قتل، ننهن زخمي
اعظم خان سميت 8 نالا اي سي ايل مان خارج، خان ۽ بشرا جا نالا برقرار
نگران حڪومت ڪڻڪ جي معاملي تي غلط فيصلا ڪيا
بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملي ۾ ملوث 4 دهشتگرد گرفتار
وڏي وزير جي سنڌ سيڪريٽريٽ آمد، عام ماڻهن جي داخلا بند،سائل پريشان
ٽانڪ مان اغوا ٿيل سيشن جج شاڪر الله بازياب
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي رڪارڊ قائم، 73 هزار جي حد پار