پيٽرول تي ڏنل سبسڊي واري اسڪيم جي مخالفت

پيٽرول تي ڏنل سبسڊي واري اسڪيم جي مخالفت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پاڪستان کي ٻارڻ واري تيل تي سبسڊي يا ڪراس سبسڊي ڏيڻ جي مخالفت ڪندي حڪومت تي چٽو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته رليف اسڪيم ۾ 3 مهينن کان وڌيڪ واڌ ممڪن نه آهي.ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ جاري ڳالهين جي دوران ايڪسچينج ريٽ، وياج جي شرح سميت ٻين ڪيترن ئي نڪتن تي اختلاف برقرار آهي جتي آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مارڪيٽ بيسٽ ايڪسچينج ريٽ رکڻ تي زور ڏيندي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ وياج جي شرح سخت رکڻ جي تجويز ڏني آهي.آءِ ايم ايف اختيارين پاڪستان کي ٻارڻ جي تيل تي سبسڊي يا ڪراس سبسڊي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي. فيول تي بينظير انڪم سپورٽ جيان مستح ماڻهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن ٻڌايو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پيٽرول جي قيمت ۽ گيس ڪمپنين جي 1.4 ٽريلين روپين جا وصول جوڳا واجبات تي به ڊيڊ لاڪ برقرار آهي پر حڪومت موٽر سائيڪل، ننڍين گاڏين جي لاءِ فيول رليف اسڪيم فوري ختم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ هو ته فيول رليف اسڪيم ۾ 3 مهينن کان وڌيڪ واڌ ممڪن نه آهي ٽن مهين جي فيول سبسڊي جي اصل لاگت 75 ارب روپين کان وڌي سگهي ٿي.پاڪستاني ڳالهين واري ٽيم آءِ ايم ايف کي پيٽرول جي قيمت جو تفصيلي ڪاسٽ بريڪ ڊائون پيش ڪندي ٻڌايو ته درآمدي پيٽرول جي قيمت تقريبن 250 روپيه آهي، جڏهن ته صارفين کي 390 روپيه في ليٽر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، پيٽرول تي تقريبن110 روپيه في ليٽر ٽيڪس ۽ 27 روپيه مختلف مارجنز آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف گيس ڪمپنين جي 1.4 ٽريلين روپيه قابل وصول واجبات معاف ڪرڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته گيس سيڪٽر جي گردشي قرض جو حجم 3.6 ٽريلين روپين تائين پهچي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ هو ته گيس ڪمپنين جي 850 ارب جي منافعي سان قرض اڪلائڻ جي تجويز تي آءِ ايم ايف خدشن جو اظهار ڪيو آهي، گيس سيڪٽر جي گردشي قرض جي انتظامي منصوبي تي تفصيلي اجلاس ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف پيٽروليم شعبي جي ٻن اهم معاملن تي به اتفاق نه ٿي سگهيو ،البته آءِ ايم ايف گيس سيڪٽر ۾ اصلاحات ۽ گيس چوري ۾ گهٽتائي جي تعريف ڪئي..

پهنجو تبصرو موڪليو