پيٽرول 75 پئسا سستو،ڊيزل 2.24 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان

پيٽرول 75 پئسا سستو،ڊيزل 2.24 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پاران مهانگائي جي ماريل عوام مٿان پيٽروليم شين جو هڪ ٻيو ٻوجهه لاڏيندي ڊيزل جي قيمت ۾ وري وڏي واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران سڀاڻي خميس 30 جولاءِ کان لاگو ٿيندڙ نون اگهن جو سرڪاري نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب گاڏين، ٽرانسپورٽ ۽ زراعت ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 24 پيسا في ليٽر جو وڏو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت وڌي 390 رپيا 62 پيسا في ليٽر جي تاريخي سطح تي پهچي وئي آهي ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ رڳو 75 پيسا في ليٽر جي معمولي ڪمي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جو نئون اگهه 335 رپيا 06 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. نون اگهن جو اطلاق رات ٻارهين وڳي کان ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو