ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ عورتن جي صفائيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ سينٽري نيپڪن تي سيلز ٽيڪس خلاف داخل درخواست تي فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جمعي ڏينهن ٻن ججن تي مشتمل بئنچ، جنهن جي سربراهي جسٽس عدنان اقبال چوڌري ڪري رهيو هو، اٽارني جنرل کي به ٻن هفتن کانپوءِ واري تاريخ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو. ڪراچي جي رهواسي عليشا شبير سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عام طور تي سڏجندڙ “پيرڊ ٽيڪس” خلاف درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ FBR، قانون ۽ انصاف واري وزارت، سنڌ جي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسڻ ڊپارٽمينٽ، صوبي جي صحت واري سيڪريٽري ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذارا جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته ملڪ ۾ سينٽري نيپڪن جي پرچون قيمت جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو حصو سرڪاري ٽيڪسن ۽ خام مال تي ڊيوٽين جي ڪري آهي. وڪيل جو چوڻ هو ته اهڙو ڳرو ٽيڪس جو بار هجڻ سبب لکين عورتون ۽ ڇوڪريون وڌيڪ قيمت سبب اهي صفائيءَ جون ضروري شين کي ناقابلِ برداشت بڻائي ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ اهي صحت ۽ صفائيءَ لاءِ لازمي ضرورت آهن. هن دليل ڏنو ته سينٽري نيپڪن کي بنيادي ضرورت جي شيءَ طور درجو ڏيڻ گهرجي، بلڪل ٻين ضروري شين جيان، ۽ انهن کي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990 جي ڇهين شيڊيول ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن تي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ملي سگهي، ۽ انهن جي خام مال کي به اٺين شيڊيول ۾ رکيو وڃي ته جيئن فائدو سڌو صارف تائين پهچي. وڪيل وڌيڪ چيو ته سينٽري نيپڪن کي غير ضروري شيءَ طور درجو ڏيڻ ۽ انهن تي وڌيڪ شرح سان سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 14 تحت بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. ابتدائي ٻڌڻي کانپوءِ بئنچ پنهنجي حڪم ۾ چيو: “جوابدارن۽ پاڪستان جي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن، جيئن اهي آرڊر XXVII-A CPC تحت ٻن (02) هفتن کانپوءِ مقرر ٿيندڙ تاريخ تي پيش ٿين.” ياد رهي ته اهڙي هڪ درخواست لاهور هاءِڪورٽ ۾ پڻ داخل ڪئي وئي آهي.










