پيرا ميڊڪ اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

پيرا ميڊڪ اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)پئراميڊيڪل اسٽاف الائنس سنڌ ۽ پمسا2076 جي احتجاجي ڪال تي سموري سنڌ جيان سول اسپتال نوشھروفيروز ۾ پنهنجي جائز حقن لاء ٻه ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال کانپوء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي  پئراميڊيڪل جي اڳواڻن سعود ٻوهيو، زبير سومرو لالا موسيٰ، جمن شيخ، الهڏنو سهتو,عبدالحميد پنهور, شفاقت وسطڙو، منظور سولنگي ، گلزار مولهڻ, بشير ٻرڙو، راشد ميمڻ، قبول ڀٽي،اسلم لغاري،نثار ڀٽي اڪبر ميمڻ, لياقت قاضي، امتياز پنهور عبدالغفور خاصخيلي ۽ ٻين طرفان سروس اسٽڪچر,  ٽائيم اسڪيل,  هيلٿ پروفيشنل الائونس ۽ مستقل رسڪ الائونس کي پگهار ۾ ضم ڪرڻ سميت ٻين  جائز مطالبن جي مڃتا لاء  احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا مرڪزي اڳواڻ ڪيترن ڏينهن کان وٺي  ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران کليل آسمان هيٺان روڊ تي ويهي پئراميڊيڪل جي حقن جي حاصلات لاء ڪئمپ قائم ڪيو ويٺا آهن پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونء ئي نهٿي چري جنهنڪري سڀاڻي 22 فيبروريء تي سموري سنڌ جو رخ ڪراچي طرف هوندو ۽ وزيراعليٰ سنڌ طرف پرامن لانگ مارچ ڪنداسين جيڪڏهن ان دوران ڪا به رڪاوٽ کڙي ڪئي ويئي ته انجي سموري زميواري سنڌ حڪومت تي عائد ٿيندي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو