پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف اسپتال ۾ احتجاج ،ڌرڻو

پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف اسپتال ۾ احتجاج ،ڌرڻو

ڳڙهي ياسين(ن س )ڳڙهي ياسين رورول ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف اسپتال ۾ احتجاج ۽ ڌرڻو، او پي ڊي جو بائيڪاٽ، ھيلٿ رسڪ الائونس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڳڙھي ياسين رورول ھيلٿ سينٽر ۾ ميڊيڪل سپريڊينٽ ڊاڪٽر تصور علي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،جنهن سبب ڪيترائي مريض او پي ڊي بند هئڻ سبب پريشان ٿي ويا، ان موقعي تي رورل ھيلٿ سينٽر ڳڙھي ياسين جي ميڊيڪل سپريڊينٽ ڊاڪٽر تصور علي ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي ٽن صوبن جي صحت کاتي جي ملازمن کي رسڪ الائونس ملي رهيو آهي، جڏهن ته صرف سنڌ جي صحت کاتي جي ملازمن جو رسڪ الائونس بند ڪري زيادتي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ان زيادتي خلاف اسان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون، ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻ عابد علي مھر چيو ته اسان جو هي پرامن احتجاج رسڪ الائونس بحال ٿيڻ تائين جاري رهندو، هن چيو ته صحت کاتي جا ملازم هر مرض خلاف پهرين صف ۾ هوندا آهن، هر مريض کي چڪاسي پنھنجي جان جوکي ۾ وجهندا آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي رسڪ الائونس ختم ڪرڻ وارو اعلان واپس ڪري، الائونس واپس ڏنو وڃي، نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو