پيار جو پرڻو، مائٽ مارڻ چاهين ٿا، تحفظ ڏنو وڃي

پيار جو پرڻو، مائٽ مارڻ چاهين ٿا، تحفظ ڏنو وڃي

نوشھرو فيرز(رپورٽ منظور ملڪ ) ڀرياروڊ جي ڳوٺ عبدالرحيم ڪيريو واسي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪونج خاصخيلي ۽ نورخان خاصخيلي تحفظ لا۽ ڀرياروڊ پريس ڪلب پھچي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پاڻ ۾ ماسات آھيون ۽ ڪجھ ڏينھن اڳ اسان نوشھروفيروز جي ڪورٽ ۾ شريعت محمدي موجب شادي ڪئي آھي جيڪا ڳالھ اسان جي مائٽن کي پسند نه ھئي ان ڪري اسان جا مائٽ سونو خاصخيلي جلال اوشاق عابد ۽ عبدالرزاق خاصخيلي اسان کي مارڻ چاھين ٿا اسان کي ھنن مان جان جو خطرو آھي ۽ اسان کي الڳ ڪرڻ لا۽ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي آھن ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ڄاڻايل ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو