پيءُ پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گڏاڻي برادري جي ماڻهن جو ڌرڻو

پيءُ پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گڏاڻي برادري جي ماڻهن جو ڌرڻو

خانپورمهر(ن س) خانپورمهر ۾ پيءُ پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاء گڏاڻي برادري جي ماڻهن جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون ،قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو.. خانپورمهر لڳ ڳوٺ ٻانهو گڏاڻي ۾ 4 سال اڳ قتل ٿيل نوجوان جمعدار گڏاڻي ۽ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿيل سندس والد محمد گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء سندس وارثن اشفاق گڏاڻي، مولوي محمد امين گڏاڻي، شاهجهان گڏاڻي ،ابرار گڏاڻي ،خادم حسين، علي حسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پهرين تعلقه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن بعد هڪ دفعو ٻيهر پنج گلي چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ۽ قتل ٿيل جمعدار گڏاڻي ۽ سندس والد محمد گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جا نعرا هنيا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته 4 سال اڳ اسان جي نوجوان جمعدار گڏاڻي کي قتل ڪيو ويو ۽ ڏيڍ مهينو اڳ مقتول جمعدار جي والد محمد خان گڏاڻي کي پڻ قتل ڪيو ويو خانپورمهر پوليس هن وقت تائين ٻنهي پي پٽ جا قاتل گرفتار نه ڪيا آهن، هنن چيو ته جوابدار اسان کي خاموش ڪرڻ لاء روزانو اسان جي گهرن تي فائرنگ ڪن ٿا ۽ وڌيڪ اسان جا ماڻهو مارڻ لاء ڌمڪيون ڏين ٿا مظاهرين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور مقتول جمعدار ۽ سندس والد محمد گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو