پي ڊي ايم حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي: محمد حسين

پي ڊي ايم حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي: محمد حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي تہ ڊالر جي مٿانھين اڏام ۽ رپئي جي مسلسل بي قدري آءِ ايم ايف جي غلامي ۽ حاڪمن جي ناڪام معاشي پاليسن جو نتيجو آھي. پي ٽي آءِ وانگر شھباز شريف جي قيادت ۾ قائم پي ڊي ايم حڪومت پڻ مھانگائي جي خاتمي ،ڊالر جي ڪنٽرول ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. عوام مڪاني چونڊن ۾ قابل ۽ ايماندار ماڻھن کي ڪامياب ڪن . اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪنڌ ڪوٽ ۾ رٿيل ضلعي ڪشمور جي پارٽي اڳواڻن توڙي نامزد بلدياتي اميدوارن جي ڪٺ کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ ٻين دعوتي وتنظيمي امورکان علاوہ مڪاني چونڊن جي تيارن جو جائزو پڻ ورتو ويو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو تہ لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ ٿيندڙ برساتن کان پوءِ شھرن جي خراب صورتحال پ پ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي.بارش ٿيندي ئي بجلي غائب ۽ شھر ، روڊ تلاء گندگي جو ڊير بڻيل آھن . صابائي اڳواڻ ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جو وارڊ نمبر 5 تان ساهمي جي نخان تي بنا مقابلي ڪامياب جنرل ڪونسلر شبير احمد ميراڻي کي ھار پارائي مبارڪباد ڏني.هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر پاران مڪاني چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست سٺو فيصلو آهي. ان موقعي تي صوبائي توڙي مقام اڳواڻ حافظ نصرالله چنا، عبدالحفيظ بجاراني،بشيراحمد حاجاڻو، مجاهد چنا،جان گل خلجي،عبيد الله بلوچ،الياس نورچنا، غلام مصطفي ميراڻي،مولانا رحمت الله اوڳائي موجود هئا.ء

پهنجو تبصرو موڪليو