لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته پي ڊي ايم جا فيصلو ڪندڙ لانگ مارچ کان پوءِ فيصلو استعيفائن جو فيصلو ڪندا.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ رانا ثناءُالله صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سي سي پي او لاهور جي تبديلي سان پوليس بابت منفي تاثر قائم ٿيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم تحريڪ ۾ حڪومت مٿان عوامي دٻاءُ جو سلسلو جاري رهندو ۽ نااهل ٽولي کي لاهي ملڪ ۽ قوم جي جان ڇڏائينداسين.هن چيو ته پوليس آفيسر هنن ماڻهن جا ملازم بڻجڻ جي بجا فرض ادا ڪن. مان سي سي پي او لاهور عمر شيخ سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو ۽ نئين سي سي پي او کي چوان ٿو ته قانون۽ انصاف موجب ڪم ڪري.










