پي پي جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ جلسو تاريخي هوندو،مراد شاهه

پي پي جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ جلسو تاريخي هوندو،مراد شاهه

ڄامشورو (ن سنڌيار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 9 فيبروري تي پي ڊي ايم جو هٽڙي باءِ پاس تي پ پ جي ميزباني ۾ ٿيندڙ جلسو تاريخي هوندو، جنهن لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته بهتر کان بهتر انتظام ڪيا وڃن، جڏهن ته اڄ حيدرآباد اچڻ جو مقصد ذاتي طور تي انتظامن جو جائزو وٺڻ  آهي.اها ڳالهه هن 9 فيبروري تي پي ڊي ايم  جلسي گاهه جو جائزو ۽ لاڳاپيل اختيارين سان شهباز هال حيدرآباد ۾ بريفنگ وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  چئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي، اها ٽريفڪ جا انتظام اهڙي طرح ڪري جنهن سان عام ماڻهن کي تڪليف نه  پهچي ۽ ان حوالي سان متبادل رستن تي ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻايو وڃي.هن ڪي فور منصوبي بابت هڪ سوال تي جواب ڏيندي چيو ته وفاق جيڪا انرجي پاليسي جوڙي هئي، ان تي سنڌ کي اعتراض آهن، ڇاڪاڻ ته اسان ان حوالي سان ڪجهه تجويزون پڻ ڏنيون هيون، جن کي شامل نه ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي هڪ اعتراض اهو به آهي ته اهي غيرآئيني ڪم ڪرڻ چاهين پئي ته بجلي جي بلن تي ڊڊيڪشن ۽ غلط بلنگ ڪيون، هنن پهرين صوبي تي 75 ارب رپين جا بل ڪڍيا جڏهن ان تي نظرثاني ڪئي وئي ته فقط 27 ارب رپيا هئا.هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اسان جا گهڻا مسئلا التوا هيٺ آهن، جنهن ۾سنڌ جي آدمشماري جو مسئلو به موجود آهي، آدمشماري ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ڳڻپ ٺيڪ نه ڪئي وئي آهي، جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن. هن چيو ته اهو سهرو فقط پ پ کي وڃي ٿو ته هن صوبن کي 2010ع ۾ متفقه اين ايف سي ايوارڊ ڏنو، جڏهن ته هاڻوڪي حڪومت جي هوندي نظرثاني ڪيل اين ايف سي ايوارڊ آڻڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته کين ڪم ڪرڻ جو طريقو ئي نٿو اچي، هن حڪومت کي آئين جي خبر نه آهي ۽ نه ئي وري قانون جي خبر آهي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ هڪ متفقه دستاويز هوندو آهي جڏهن ته سندن ئي پارٽي ۾ متفقه سوچ ناهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت اڄڪلهه صرف غيرآئيني  ڪمن تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ اها غيرآئيني طور تي هڪ آئيني ترميم آڻڻ گهرڻ پيا چاهين، جنهن ۾ سينيٽ ۾ اوپن بليٽنگ، ٻيڻي شهريت به شامل هئي، جڏهن ته کين اها به خبر ناهي ته وٽن سادي اڪثريت به موجود ناهي ۽ جيڪي اتحادي ڌريون آهن اهي به کانئن ناراض رهنديون آهن، جن کي راضي ڪرڻ لاءِ اڄڪلهه وزيراعظم پاڻ به ويندو آهي، انهن سمورين ڳالهين باوجود هنن هڪ آئيني ترميم پيش ڪئي جيڪا هڪ مذاق هئي جنهن جو مقصد آئيني ترميم آڻڻ نه پر هڪ راند کيڏڻ هئي. هن چيو ته آئيني ترميم آڻڻ جو هڪ طريقو هوندو آهي جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي آن بورڊ ورتو ويندو آهي.هن قومي اسيمبليءَ ۾ قومي اسيمبلي ميمبر نويد قمر سان ٿيندڙ بدتميزي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اهو صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته انشاءَ الله هاڻوڪي حڪومت مان تمام جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين.ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهباز هال حيدرآباد ۾ عملدارن سان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز شاهه رضوي، ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، ايم اين اي طارق علي شاهه ڄاموٽ، ايم پي ايز شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شورو، امداد علي پتافي، عبدالجبار خان، قاسم نويد قمر ۽ عاجز ڌامراهه، صغير قريشي، ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فود غفار سومرو، ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ کانسواءِ مختلف کاتن جا عملدار ۽ پ پ  اڳواڻ به موجود هئا.گڏجاڻي ۾ وڏي وزير سيڪيورٽي سميت  ٽريفڪ  جي روانگي  جا موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. وڏي وزير جلسي دوران ٽريفڪ جي روانگي کي برقرار رکڻ لاءِ موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته ماڻهن کي جلسي گاهه ۾ آمد ۽ روانگي بابت بهتر انتظام ڪيا وڃن، جڏهن ته پارڪنگ لاءِ پڻ ڪشاده جڳهه مختص ڪئي وڃي. هن چيو ته اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته جلسن جلوسن دوران ميڊيا جي ڊي ايس اين جي گاڏين جي پارڪنگ جا مسئلا درپيش هوندا آهن، جنهن لاءِ ميڊيا جي ڊي ايس اين جي گاڏين جي پارڪنگ لاءِ پڻ انتظام ڪيا وڃن ته جيئن ميڊيا جي دوستن کي به ڪنهن به قسم جي ڪا پريشاني نه ٿئي.  هن چيو ته هن تاريخي جلسي ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن جي عوام شامل ٿي رهي آهي تنهنڪري ضروري آهي ته هڪ مربوط پلان سميت سمورا ڪم مڪمل ڪيا وڃن.گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفارسومرو بريفنگ ڏيندي جلسي جي حوالي سان صفائي سٿرائي، پارڪنگ، ٽريفڪ روٽ پلان ۽ جلسي گاهه تي انتظامن سميت ٻين مامرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو  جلسي جي گذرگاهن جي مڪمل نگراني ڪئي ويندي ۽ اتي ميڊيڪل ڪيمپون پڻ قائم ڪيون وينديون،  جنهن تي سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پڻ انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان محفوظ رهڻ لاءِ انتظام  اڳواٽ  مڪمل ڪيا ويندا.ان موقعي تي  ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ وڏي وزير کي پي ڊي ايم جي جلسي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني،  بعد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڄامشورو ۾ آل سنڌ روينيو ايمپلائيز جي صدر سيد سردار علي شاهه سان سندس والد متارو شاهه موسوي ۽ پ پ سيوهڻ شريف جي اڳوڻي صدر وڏيرو ڌڻي بخش ميراڻي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ، سنڌ فشر فوڪ فورم جي وائيس پريزيڊنٽ مصطفيٰ ميراڻي سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.ان موقعي تي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مظفر آباد جي تقريب ۾ چيو هو ته انشاءَ الله تمام جلد ان نااهل وزيراعظم ۽ نااهل حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته چين حڪومت پاران پاڪستاني عوام کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ 5 لک ڊوزس ويڪسين تحفي طور ڏنا ويا آهن، جنهن مان 82 هزار ڊوز سنڌ کي مليا آهن، جنهن لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ سينٽرز بڻايا ويا آهن، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ فرنٽ لائين  هيلٿ ورڪرز جي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي. وفاق کي سنڌ کان ملندڙ حصي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها نااهل حڪومت پنهنجو ڪليڪشن حدف ئي مڪمل  نه ڪري سگهي آهي ته  اها صوبن کي سندن حصو ڪهڙي طرح  ڏيندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته  پي ڊي ايم وارو جلسو تاريخي جلسو هوندو، جنهن ۾ عوام ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري نااهل وفاقي حڪومت کي رد ڪندو، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، اهو آئين، روينيو رڪارڊ ۽ ارڙهين ترميم ۾ واضح لکيل آهي،  جيڪي ماڻهو ٻيٽ وفاق جي ملڪيت سمجهن ٿا اهي آئين ۽ عدالتي فيصلن جو مطالعو ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته  هيڪ پاران يونيورسٽين کي مقرر رقم کان گهٽ پئسا جاري ڪيا ويا، سنڌ حڪومت پاران مالي مدد ڪري  تعليمي ادارن کي بحران مان ڪڍيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو