ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت خلاف لانگ مارچ جي روٽ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت قافلو 8 مارچ تي اسلام آباد پهچندو. پ پ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب عوامي مارچ 10 ڏينهن ۾ ڪراچي کان 34 مختلف شهرن کان ٿيندو اسلام آباد پهچندو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ مارچ 27 فيبروري آچر تي صبح 10 وڳي ڪراچي ۾ مزار قائد کان شروع ٿيندو، جيڪو ٺٽي ۽ سجاول کان ٿيندو بدين پهچندو، جتي پهرئين ڏينهن ختم ٿيندو. پ پ چيئرمين چيو ته عوامي مارچ ٻئي ڏينهن 28 فيبروري تي حيدرآباد، هالا، نوابشاهه کان ٿيندو مورو ۾ ختم ٿيندو، پهرين مارچ تي مورو کان خيرپور شهر پهچندو، جتي ٽئين ڏينهن سکر ۾ ختم ٿيندو. لانگ مارچ جي پلان جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته لانگ مارچ 2 مارچ تي سکر کان شروع ٿيندو ۽ گهوٽڪي کان ٿيندو رحيم يار خان پهچندو، 3 مارچ تي رحيم يار خان کان شروع ٿيندو ۽ بهاولپور، لوڌران کان ٿيندو ملتان پهچندو جتي رات گذاريندو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لانگ مارچ 4 مارچ تي ملتان کان خانيوال، چيچہ وطني کان ٿيندو ساهيوال پهچندو ۽ 5 مارچ تي ساهيوال کان اوڪاڙه ۽ پتوڪي کان ٿيندو لاهور ۾ داخل ٿيندو. پ پ چيئرمين چيو ته بلاول ڀٽو 6 مارچ تي ناصر باغ لاهور ۾ لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو، جنهن کانپوءِ مارچ روانو ٿي شيرانوالا باغ کان گوجرانوالا پهچندو. بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ 6 مارچ تي وزيرآباد روانو ٿيندو ۽ 7 مارچ تي لالا موسيٰ وزيرآباد کان روانو ٿي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ختم ٿيندو. پ پ پاران جاري ڪيل بيان موجب لانگ مارچ 8 مارچ تي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيندو جتي راولپنڊي کان شروع ٿيندو ۽ عوامي قافلو مختلف رستن کان ٿيندو وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچندو.










