اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جي سينيٽرز جي 9 مئي جي واقعن بابت مذمتي ٺهراءُ سينيٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو سومر تي جمع رڪايل ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته عسڪري ۽ تاريخي عمارتن تي حملن جي سخت مذمت ڪريون ٿا قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو، جناح هائوس تي ٿيندڙ تشدد وارن حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو ٺهراءُ مطابق جناح هائوس لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر رهن ٿا ان کي به باهه ڏني وئي هئي. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي قيمتي سامان کي به ساڙيو ويو شهيدن جون يادگارون به ساڙيو ويون تاريخي عمارتن، مسجدن ۽ اسڪولن کي باهه ڏني وئي ۽ نقصان رسايو ويو هي ايوان پنهنجن ادارن سان ٻڌي جو اظهار ۽ حمايت ڪري ٿو هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ايجنسيون ۽ وڏي پئماني تي انهن واقعن سان متاثر ٿيندڙ عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪريون ٿا.










