پي ٽي آئي نااهل ۽ نالائقن جو ٽولو آهي:شرجيل

پي ٽي آئي نااهل ۽ نالائقن جو ٽولو آهي:شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سڌ سماءُ، ٽرانسپورٽ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آئي نااهل ۽ نالائقن جو ٽولو آهي، جنهن ملڪ جي معيشيت کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. پنھنجي جاري بيان۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيبرپختونخوا جي ترقي جا پول کلي رهيا آهن، ۽ حقيقيت سڀني جي آڏو اچي چڪي آهي. گذريل 9 سالن کان ڪي پي ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت آهي ،هڪ رپورٽ موجب ڪي پي صوبي جا قرض 883 ارب روپين کان چڙهي ويا آهن. ھن چيو تہ پاڪستان ٺهڻ کان 2013ع تائين ڪي پي صوبو 97 ارب روپين جو قرضي هو ، هاڻي پي ٽي آئي جي 9 سالن جي دور ۾ قرضن ۾ 8 سئو سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اھا آھي ڪارڪردگي پي ٽي آئي جي، جنھن جي بنياد تي کين وفاقي حڪومت ۾ آندو ويو ھو. صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آئي مالم جبا، بي آر ٽي پشاور، بلين ٽري سونامي سميت ڪرپشن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اسٽي آرڊر وٺندي رھي ، جڏهن تہ عالمي ادارن بہ پي ٽي آئي جي سرڪار ۾ ڪرپشن وڌڻ جي نشاندهي ڪئي پر انهن لاڏلن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ھن چيو تہ فارين فنڊنگ اوپن ۽ شٽ ڪيس آهي ، پر گذريل اٺن سالن کان ان کي اينگھايو پيو وڃي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تہ پي ٽي آئي جي ايم اين ايز جي بدماشين جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ، جيڪي ھاڻي آپگھاتي حملا ڪرڻ جي ڌمڪين تي لھي آيا آهن. پنھنجي نااهلي سبب حڪومت وڃائجڻ کانپوءِ بي سمجهه ماڻهو آپگهاتي حملن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اعلیٰ عدالتن ۽ وفاقي سرڪار کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇوتہ پي ٽي آئي کي شٽ آپ ڪال ڏيڻ اڻٽر بڻجي وئي آهي ٻي صورت ۾ جنهن ذهنيت کي پروان چاڙهيو پيو وڃي اها ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي

پهنجو تبصرو موڪليو