اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف استعيفيٰ منظور ڪرڻ واري قدم کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي مرضي سان 11 اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ اسد عمر چيو ته تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن لوٽ کانسواءِ سڄي ملڪ جي سامهون استعيفيٰ ڏني، سڀني جون استعيفائون گڏجي قبول ڪيون وڃن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته 11 اپريل تي اسيمبلي جي فلور تي اسان جي 125 ماڻهن چيو ته اسان استعيفيٰ ڏني آهي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 11 رضاڪارانه استعيفائون قبول ڪيون، اسان 11 ميمبرن جي استعيفيٰ خلاف عدالت ۾ آيا آهيون.اسد عمر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن غير قانوني ڪم ڪيو، پي ٽي آءِ ان سازش جو حصو ٿيڻ لاءِ تيار نه هئي ان ڪري استعيفيٰ ڏني.هن جو اهو به چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم ۽ سياسي پارٽي جو حصو بڻجي وئي آهي.










