اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ۾ هر ڪنهن جي پنهنجي ڏيڍ سرن جي مسجد آهي ۽ هنن وٽ پارٽي هلائڻ جي اهليت ناهي، عدالتي فيصلي کان پوءِ اسان کي ڪنهن کي به عمران خان سان ملاقات کان روڪڻ جي ضرورت ناهي،طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن سان ملڻ نٿو چاهي. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي باني بشريٰ بي بي جنهن سان چاهي ٿي ملاقات لاءِ چوي ٿي.










