پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نظربندي جا حڪم معطل

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نظربندي جا حڪم معطل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 70 ڪارڪنن جي نظربندي معطل ڪري ڇڏي. عدالت هينئر تائين 101 ڪارڪنن جي نظربندي جا حڪم معطل ڪري چڪي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس انوارالحق پنون ريمارڪس ڏنا ته خدا کي مڃو هن ملڪ کي هلڻ ڏيو، هڪ ماڻهو ضمانت ڪرائي ٻاهر نڪري ٿو ته اوهان ان کي گرفتار ڪري ٿا وٺو. ماڻهن جا حق پامال نه ڪريو، انهن کي گهرن ۾ وڃي ماني کائڻ ڏيو.جسٽس انوارالحق پنون چيو ته هاڻ ته نه ڪو جلوس نڪري رهيو آهي نه ئي ڪو جلسو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڀڃ ڊاهه ۽ گهيراءُ ڪرڻو آهي ته اوهان ڪيس داخل ڪريو، نظربند ڇو ڪري رهيا آهيو؟ جناح هائوس تي حملو صحيح عمل نه هو. وڪيل پنهنجي موڪلن کي چون ته هو آئنده اهڙن واقعن جو حصو نه بڻجن.

پهنجو تبصرو موڪليو