ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي آئيني آپشن آهن ۽ وفاق ان لاءِ تيار به هو، پر پيپلزپارٽي تجويز ڏني ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي کان اڳ مسئلي جو سياسي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هو پنهنجي لانگ مارچ جي ڪاميابي کي تسليم ڪري مارچ ختم ڪن.هن تحريڪ انصاف کي مشورو ڏنو ته سياسي ۽ دهشتگردي سان لاڳاپيل معاملن کي الڳ رکيو وڃي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جو مقابلو گڏجي ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي جي بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ شهر ۾ هن وقت جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي، اهو تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چيو ته ڪراچي کي سندس حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته واٽر اڪارڊ ۾ ڪراچي لاءِ اضافي پاڻي ڏيڻ جو ذڪر موجود آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ تائين معاهدي موجب سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ناهي مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪيماڙي جي عوام تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، جڏهن ته لياري کي 10 ملين گيلن اضافي پاڻي فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻا آهن ۽ هو پاڻ ۽ سندس والده ڪراچي ۾ پيدا ٿيا، تنهنڪري شهر جي خدمت جاري رکندا. سندس چوڻ هو ته وفاق طرفان ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ گئس پيدا ٿيڻ باوجود عوام کي گئس جي فراهمي نه ٿيڻ جون شڪايتون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي فور منصوبي ۾ پڻ وفاق جو اهم ڪردار آهي ۽ هو اڃا تائين انتظار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم کان ”شهباز اسپيڊ“ بابت گهڻو ٻڌو هو، پر افسوس آهي ته اڄ به انتظار ڪرڻو پئجي رهيو آهي.










