اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي 6 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.9 مئي کانپوءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪيو.عدالت گرفتاري دوران داخل ٿيل ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته اسلام آباد پوليس تحريري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، پوليس رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 9 مئي جي واقعن کانپوءِ 6 ڪيس داخل ڪيا ويا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين 10 جون تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿئي.پوليس رپورٽ موجب شهزاد ٽائون ٿاڻي ۽ ترنول ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا، پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف هڪ هڪ ڪيس کهنه ٿاڻي ۽ ڪراچي ڪمپني ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو.










