لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني بورڊ چونڊن لاءِ ٽڪيٽن جي ورڇ جو فارمولو طئي ڪري ورتو آهي.پي ٽي آءِ ذريعن موجب پارٽي بيانيي سان گڏ بيٺل اڳوڻن پارليامنٽ ميمبرز کي ٽڪيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني بورڊ طرفان سفارش ڪئي وئي آهي ته پارٽي جي اسي سيڪڙو اڳوڻن ميمبرز کي جڏهن ته ويهه سيڪڙو ٽڪيٽون نون اميدوارن کي ڏنيون وڃن.ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ اِها سفارش به ڪئي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي سان وفادار ڪارڪنن لاءِ به گنجائش ڪڍي وڃي، عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن لاءِ به اِهو ئي فارمولو هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ڇڏي آيل پنج کان ڇهه ماڻهن کي به ايڊجسٽ ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ اتر پنجاب جي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون، عمران خان حتمي اميدوارن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو ۽ بورڊ جي سفارشن جي منظوري پڻ ڏيندو.










