اسلام آباد (بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان ن ليگ جي اڳواڻن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ پنجاب جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ ميان اسلم اقبال سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ عمران خان کي 13 آگسٽ جي لاهور جلسي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي ۽ تيارين کان آگاهه ڪيو ويو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پراسيڪيوشن تيزي سان ڪم ڪندي، ن ليگ اڳواڻن جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ تي به مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته ادارن ۽ عدليه بابت رڳو ن ليگ اڳواڻن جي بيانن کي ڏسڻ پريشاني جو باعث آهي.










