پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جا امڪان

پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جا امڪان

اسلام آباد(بيورو)پابندي مڙهيل فنڊنگ واري معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ وجهڻ جو امڪان آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سمورا اتحادي سپريم ڪورٽ کان فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ خلاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي صدارت ۾ سياسي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اياز صادق به شامل آهي.ان کان علاوه قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ قانوني ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، قانوني ڪميٽي ۾ اعظم نذير تارڙ، فاروق ايڇ نائيڪ، راڻا ثناءُ الله ۽ ڪامران مرتضيٰ شامل آهن.ذريعن موجب سڀاڻي 2 وڳي اتحادي اجلاس ۾ ٻئي ڪميٽيون پنهنجون سفارشون پيش ڪنديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو امڪان آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي منع ڪيل فنڊنگ واري معاملي کي مثال بڻايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو