پي ٽي آءِ جو ق ليگ قيادت سان رابطو، اسيمبلي ٽوڙڻ تي مشاورت

پي ٽي آءِ جو ق ليگ قيادت سان رابطو، اسيمبلي ٽوڙڻ تي مشاورت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ سميت ٻين معاملن تي مشاورت لاءِ تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ قيادت جو هڪ ٻيو رابطو ٿيو اهي.ذريعن موجب لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ سميت ٻين معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي به شريڪ ٿيو.پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات کانپوءِ فواد چوڌري زمان پارڪ پهتو، جتي هن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب فواد چوڌري پارٽي چيئرمين کي پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سان ملاقات بابت آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو